پڃريون کڻڻ

پڃريون کڻڻ: سنڌ جي مشهور راندپڃري کڻڻ‘ واري راند زور آزمائيءَ جي مظاهري جي راند آهي. ڪاٺ يا پٿر جي ڪنهن وزندار ٽڪر کي پوري وچ مان ڇلي منجھس مٺ وجھڻ جي جاءِ ٺاهي ويندي آهي. پهلوان اهڙي پڃري کڻڻ جون شرطون هڻندا آهن ۽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. ننڍا ٻار وري پنهنجي قد بت آهر پڃريون ٺهرائيندا آهن ۽ اهي هڪ هٿ سان کڻندا آهن.عام طور ننڍڙن ٻارن کي به پڃري بنائبو آهي. يعني ٻانهن سان ڪانڀ ڪڍائي ويهاربو آهي. ان بعد سندس ٻنهي ٻانهن مان هڪ پاسي ٻانهن وچان لنگھائي ٻيءَ ٻانهن ۾ هٿ وجھي کڻبو آهي. هن راند ۾ پئسن وغيره جي شرط نه لڳندي آهي، صرف عزت جو خيال هوندو آهي. هن راند ۾ جسم کي نهايت اعليٰ درجي جي ورزش ملندي آهي. ساڳئي وقت پٺن، ڏورن، ڪراين ۽ ڇاتيءَ ۾ مضبوطي پيدا ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو